twitter
rss

Learn English


 باب ڇهون پاڪستان ۽ دنيا جي تاريخ جون اهم شخصيتون ۽ اهم واقعا

سوال -: 1940ع کان 2014ع تائين پاڪستان جي تاريخ جي وقت پٽي ٺاھيو. ھر ڏھ سالي ۾ جيڪو اھم

واقعو ٿيو، ان کي ڏيکاريو.

جواب -:

ڏهاڪو پاڪستان جي تاريخ جو اهم واقعو

1940ع وارو ڏھاڪو 14آگسٽ1947ع تي پاڪستان آزاد ٿيو.

1951ع ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي شهيد

ڪيو ويو

1950ع وارو ڏھاڪو

پاڪستان روم ۾ ٿيل ھاڪي اولمپڪ فائنل کٽي، ھندستان جي 32

1960ع وارو ڏھاڪو سالن جي برتري جو خاتمو آندو.

16ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان ڌار

1970ع وارو ڏھاڪو ٿي بنگالديش جي نالي سان نئون ملڪ بڻيو.

عام چونڊن ذريعي بينظير ڀٽو جو ملڪ جي وزيراعظم چونڊجڻ سان

1980ع وارو ڏھاڪو آمريت جو خاتمو ۽ جمهوريت جي بحالي ٿي.

1990ع وارو ڏھاڪو 1992ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو.

2005ع ۾ آزاد ڪشمير ۾ 7.6 شدت جي زلزل ي ۾

2000ع وارو ڏھاڪو 80000ماڻهو مري ويا ۽ چاليه لک بي گهرٿيا .

2010ع وارو ڏھاڪو 2014ع ۾ مالله يوسف زئي کي نونل انعام ڏنو ويو.

سوال -: 1940ع کان 2014 تائين جيڪي ايجادون ٿيون انهن جي وقت پٽي ٺاھيو.

جواب -:

ڏھاڪو سال ايجادون

1940ع وارو ڏھاڪو 1949ع ۾ دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو.

1950ع وارو ڏھاڪو 1951ع ۾ پهرين رنگين ٽي – وي ايجاد ٿي.

1960ع وارو ڏھاڪو 1963ع ۾ پهرين خالباز خاتون ويلنٽيناٽيرشخوف خال ۾ سفر ڪيو.

1970ع وارو ڏھاڪو 1970ع ۾ جيبي ڪئلڪيوليٽر متعارف ٿيو.

1980ع وارو ڏھاڪو 1981ع ۾ آئي -بي-ايم ذاتي ڪمپيوٽر متعارف ڪرايا.

1990ع وارو ڏھاڪو 1994ع کان انٽرنيٽ جو استعمال شروع ٿيو.

2000ع وارو ڏھاڪو 2004ع ۾ اولمپڪ راندين جي شروعات ٿي.

2010ع وارو ڏھاڪو

سوال -: باب ۾ ڏنل مواد جي روشني ۾ ٻن مسئلن جي نشاندھي ڪريو. ھرمسئلي جي ٿور وقتي ۽ گهڻ

وقتي اثر کي واضع ڪريو.

جواب -: اھڙن مسئلن ۾ ھڪ واالريل ڪشمير جو مسئلو آھي جنهن تان ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگيون

به لڳيون پر اڄ تائين اھو مسئلو حل ڪونه ٿي سگهيو آھي. ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سٺا ناتا ڪونه

رھيا آھن.

ٻيو مسئلو ڪجه ملڪن جو سپر پاور ٿيڻ جي ڪوشش آھي جنهن جي ڪري مهاڀاري

جنگون لڳيون ۽ ڪيترو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. 1945ع ۾ گڏيل قومن جو بنياد پئجي وڃڻ

سان گهڻي حد تائين وڏين جنگين جو خطرو ٽري چڪو آھي پر ان جي ھوندي ڪيترائي ملڪ پاڻ

کي طاقتور ثابت ڪرڻ الءِ ائٽمي ھٿيار گڏ پيا ڪن.


باب ستون ثقافت يا ڪلچر


سوال -: ثقافت ڇا آھي؟

جواب -: ثقافت يا ڪلچر زندگي گذارڻ جي اھڙن طريقن يا ڍنگن کي چئجي ٿو جيڪي ڪنهن ماڻهن جي

گروھ اختيار ڪيا ۽ ھڪ نسل کان ٻئي نسل کي منتقل ڪيا. جنهن ۾ لباس، خوراڪ جون عادتون،

ٻولي، رسم رواج ۽ روايتون، ڪتابن جي لکائي، موسيقي، ساز ۽ آواز جو طريقو ۽ گهرن جي اڏاوت

جو نمونو ۽ ھلت چلت جا اصول شامل آھن.

سوال -: پاڪستان ۾ ماڻهن جا ڪيترا ئي گروھ رھن ٿا. انهن جون ڪيتريون ڳالهيون ھڪجهڙيون آھن.

اھڙيون ڳالهيون لکو، جيڪي سڀئي گروھ شيئر ڪن ٿا. ھڪجهڙي عام ڪلچر يا ثقافت مان ڪهڙا

فائدا آھن.

جواب-: پاڪستان ۾ ماڻهن جا ڪيترا ئي گروھ رھن ٿا. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ھڪجهڙيون آھن.

سڀ پاڪستاني اردو ڳالهائين ٿا، ڀاڄي ماني کائين ٿا ۽ سلوار قميص پائين ٿا. ھڪجهڙي عام

ڪلچر يا ثقافت ھئڻ جا به ڪي فائدا آھن جيئن ته ھڪ ئي ثقافت جا ماڻهو ريتن رسمن،

سماجي ۽ ديني معاملن ۾ ھڪٻئي سان باآساني شريڪ ٿي سگهن ٿا ۽ سندن وچ ۾ گهڻو

ڪري اختالف نٿا پيدا ٿين.

سوال -: ھڪ گهڻ ثقافتي سماج کي حاصل فائدن ۽ چئلينجن کي بيان ڪريو؟

جواب -: ھڪ گهڻ ثقافتي سماج ۾ رھندڙ ماڻهو کي مختلف ثقافتن کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو اھڙا

ماڻهو ھڪٻئي جي ريتن رسمن ۾ شريڪ ٿي رواداري ۽ امن قائم ڪري سگهن ٿا ۽ سماج جي

بهتري الءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهن ٿا.

جتي ھڪ گهڻ ثقافتي سماج کي ڪي فائدا ھوندا آھن ته ڪي چئلينج به درپيش ھوندا

آھن جيئن اھڙي سماج کي پنهنجي پنهنجي ثقافت کي برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي. مختلف

ثقافتن جي ماڻهن جو گڏ رھڻ سان ريتن رسمن ۾ تبديليون اچي وينديون آھن. جيڪي ڪنهن

سماج الءِ نقصانڪار به ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏھن انهن وچ ۾ رواداري ۽ برداشت نه ھوندي

ته امن قائم رکڻ به ڏکيو ٿي پوندو آھي.

سوال -: پاڪستاني ثقافت جي، ھن باب ۾ ڄاڻايل ٽن ملڪن مان ڪنهن ھڪ ملڪ جي ثقافت سان ڀيٽ

ڪريو.

جواب -:

پاڪستان جي ثقافت چين جي ثقافت

چانور، نوڊلز)سيون( ۽ مختلف

غذا ڀاڄي ماني ۽ حالل گوشت جانورن جو گوشت کائين.

چيني ٽيونڪ سوٽ )مائو سوٽ(

عام آھي. چيانگ سام چيني

عورتن جو پسنديده اوڇڻ آھي.

قومي لباس سلوار ۽ قميص آھي.

پٽڪو ، ٽوپي، واسڪوٽي ۽ اجرڪ

جو استعمال به ڪيو وڃي ٿو.

لباس

قوم ي ٻولي مينڊران آھي. ويو،

ڪينٽني ۽ ڏاکڻي ِمن ٻوليون پڻ

ڳالهايون وڃن ٿيون.

قومي ٻولي اردو آھي ۽ ھر صوبي

ٻولي کي پنهنجي الڳ ٻولي به آھي.

چين جا ماڻهو ٻُڌ مذھب جا پوئلڳ

آھن.

اڪثريت اسالم جي مذھب سان

مذهب تعلق رکي ٿي جڏھن ته ھندو،

سماجي اڀياس درجو پنجون

عيسائي، پارسي ۽ سک اقليت ۾

شامل آھن.

چيني قمري مهيني جي پهرين

تاريخ تي نئين سال جو جشن

ملهائين ۽ ان جي پندرھين ڏينهن

تي اللٽين جي جشن سان پورو

ٿئي ٿو.

مسلمان عيدالفطر، عيداالضح ٰي

۽ عيدميالدالنبي

ملهائيندا آھن ۽ اقليت جا ماڻهو به

پنهنجا پنهنجا ڏڻ ملهائين ٿا.

مذهبي ڏڻ

قمري ڪئلينڊر جي ٻارھين

مهيني جي اٺين تاريخ تي البا جو

جشن ملهايو ويندو آھي.

پاڪستاني 14 آگسٽ تي آزادي

جو ڏينهن ۽ 23 مارچ تي

پاڪستان جو ڏينهن ملهائيندا

آھن.

قومي ڏينهن

ڀرت، خطاطي، موسيقي، اوپيرا،

مصوري، لغڙ ٺاھڻ، الک يا جنڊي

جو ڪم ، پني جي ڪٽائي جا

نمونا، پورسلين )چيني ٿانو(، مٽي

جا برتن ۽ ريشم ٺاھڻ چين جا عام

فن ۽ ھنر آھن.

پاڪستاني ماڻهو مصوري، فن

خطاطي، موسيقي، فن ڊراما، فن

تعمير ۽ مختلف قسمن جا ھٿ جا

ھنر ۾ ڏاڍا ڀڙ آھن.

فني شوق

سوال -: انهن طريقن کي بيان ڪريو، جيڪي اختيار ڪري ھڪ ٻار ثقافتي گروھ جو حصو بڻجي ٿو.

جواب -: ڪٽنب، اسڪول ۽ مذھبي ھنڌ اھي ادارا آھن جن مان حاصل ٿيل طريقا اختيار ڪري ھڪ ٻار

ثقافتي گروھ جو حصو بڻي ٿو. ڪٽنب مان ٿڻ ويهڻ

ٻار ڳالهائڻ، ا ، کائڻ پيئڻ ۽ لباس پائڻ جو طريقو ُ

سکي ٿو.تعليمي اداران توڙي مذھبي جاين مان ٻار کي زندگي گذارڻ جي تربيت ملي ٿي. اسڪول

۾ ٻار لکڻ پڙھڻ سان گڏ وقت جي پابندي، لباس جي سٿرائي، مقرر پروگرام تي ھلڻ ۽ گڏجي ڪم

ڪرڻ سکي ٿو. مذھبي ھنڌ تان ٻار عبادت ڪرڻ، مذھبي ڪتاب پڙھڻ ۽ ڄم، شادي ۽ موت جهڙن

موقعن ۾ شامل مذھبي عنصرن کي سمجهي ٿو. انهن ادارن مان گذري ھڪ ٻار ڪنهن ثقافتي

گروھ جو حصو بڻجي وڃي ٿو.


باب اٺون مال اسباب يا شيون ۽ خدمتون

سوال -: خانگي شيون يا مال ۽ خدمتون ڇاکي چئجي ٿو؟ ڪي به ٽي مثال ڏيو.

جواب -: شيون ۽ خدمتون جيڪي ذاتي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آھن،خانگي يا ذاتي چئجن ٿيون.۽ اھي

گراھڪن يا واپرائيندڙ کي پئسن تي ڏنيون وڃن ٿيون. مثال -: تعليم حاصل ڪرڻ الءِ في، سفر

ڪرڻ الءِ ڀاڙو ۽ گهر جو سودو سامان خريد ڪرڻ.

سوال -: حڪومتي يا سرڪاري شيون يا مال ۽ خدمتون ڪهڙيون آھن ؟ ڪي به ٽي مثال ڏيو.

جواب -: اھي شيون يا خدمتون جيڪي حڪومت شهرين کي مهيا ڪري ٿي،حڪومتي يا سرڪاري

سڏجن ٿيون. مثال -: مفت نصابي ڪتاب، سرڪاري اسڪول، پارڪ ، روڊ رستا ۽ انهن تي لڳل

بتيون وغيره.

سوال -: عام ماڻهو بئنڪن مان قرض ڇو کڻندا آھن ؟

جواب -: عام ماڻهو زمين وٺڻ، گهر ٺاھڻ، نياڻين جي شادي، روزگار شروع ڪرڻ وغيره الءِ بئنڪن مان قرض

کڻندا آھن.

سوال -: واپاري بئنڪن مان قرض ڇو کڻندا آھن ؟

جواب -: واپاري پنهنجي واپار کي قائم ڪرڻ يا ان کي وڌائڻ الءِ بئنڪن مان قرض کڻندا آھن.

سوال -: روانگي مال يا ايڪسپورٽ ڇا کي چئجي ٿو؟

جواب -: جڏھن ھڪ ملڪ ۾ ٺهندڙ شيون ۽ مهيا ٿيندڙ خدمتون ٻئي ملڪ کي وڪرو ڪري موڪلجن ٿيون

ته ان کي روانگي مال يا ايڪسپورٽ چئجي ٿو.

سوال -: آمدني مال يا امپورٽ ڇا کي چئجي ٿو؟

جواب -: جڏھن ھڪ ملڪ شيون يا خدمتون وڪرو ڪندڙ ملڪ کان خريد ڪري پنهنجي ملڪ ۾ آڻي ٿو ته

ان کي آمدني مال يا امپورٽ چئجي ٿو.

سوال -: پاڪستان جي ترقي الءِ بين االقوامي واپار ڇو ضروري آھي؟

جواب -: پاڪستان جي ترقي الءِ بين االقوامي واپار تمام ضروري آھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان به ڪيترن

وسائل سان ماالمال آھي جنهن سان پنهنجي ضرورت ته پوري ٿئي ئي ٿي پر انهن کي ٻين ملڪن

کي وڪرو ڪري ڪي ٻيون ضروري شيون يا خدمتون خريد ڪري سگهبيون آھن. بين االقوامي

واپار سان پاڪستان جا ٻين ملڪن سان دوستاڻاناتا به قائم ٿين ٿا.

باب نائون ناڻو ۽ اسان جي زندگي جو ڪار وهنوار

سوال -: وقت جي پٽي سان ناڻي جي ارتقا يا اوسر جا طريقا لکو.

جواب -: 6000 – 9000 قبل مسيع : پاليل جانور ۽ فصل اناج ناڻي جي مٽا سٽاجي ايڪي طور استعال

ٿيندا ھئا.

1200 قبل مسيع : ساموندي کوپا آفريڪا ۾ ڪوڏيون )ڪؤريز( ۽ آمريڪا ۾ ويمپم نالن سان ناڻي

طور استعمال ٿيندا ھئا.

1000 قبل مسيع -: چين گول ڌاتوئي ٽڪرين يا سڪن کي ناڻي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيون

جن جي وچ ۾ سوراخ ھوندو ھيو.

500 قبل مسيع -: ترڪي چاندي جا سڪا ناڻي طور جاري ڪيا جن تي شهنشاھن ۽ ديوتائن جي

منهن جي تصوير اڪريل ھوندي ھئي. بعد ۾ سوني ۽ ڪانسي جا سڪا به ناڻي طور جاري ٿيا.

118 قبل مسيع -: چين ھرڻ جي چمڙي مان ٺهيل بئنڪ نوٽ جاري ڪيا.

9 کان 14 صدي عيسوي جي وچ ۾ چين پهريون دفعو ڪاغذي نوٽ ناڻي طور جاري ڪيا جيڪي

اڄ تائين استعمال ڪيا پيا وڃن.

سوال -: ماڻهو ڪهڙن طريقن سان آمدني ڪمائين ٿا؟

جواب -: ماڻهو ڪيترن ئي طريقن سان ناڻو ڪمائيندا آھن. ھيٺ ٻه مکيه طريقا ٻڌائجن ٿا.ھڪ طريقي

موجب ماڻهو اھڙيون شيون ٺاھي وڪڻندا آھن جن جا خريدار موجود ھجن. اھڙين شين کي مال

چئبو آھي. مثالطور : بسڪوٽ، چاڪليٽ يا زيور و غيره.

ٻئي طريقي سان ماڻهو اھڙو ڪو ڪم ڪندا آھن جنهن جي بدلي ۾ ناڻو ملي. اھڙي ڪم کي

خدمتون چئبو آھي. مثالطور : وار ٺاھڻ،ڪپڙا سبڻ، ۽ جوتا ڳنڍڻ وغيره.

سوال -: ٽي مثال ڏئي سمجهايو ته مختلف ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن کي محنت جو اجورو ڌار ڌار ملي ٿو. ڇا

توھان جي خيال ۾ اھو انصاف موجب صحي ح آھي؟ ان الءِ ٻه سبب ڄاڻايو.

جواب -: ٽي مثال ھي آھن : درزي، واڍي ۽ مزدور کي پنهنجي پنهنجي فن ۽ محنت جو اجورو ڌار ڌار

ملندو آھي. اھو انصاف موجب ئي آھي ڇاڪاڻ ته واڍي کي پنهنجي ڪمن الءِ جسماني

م حنت سان گڏ ڪن اوزارن جي ضرورت به پوي ٿي جن کي اھي پاڻ ئي خريد ڪندا آھن ته

مزدور صرف جسماني محنت ڪري ٿو. مطلب تي ڪنهن ڌنڌي واري کي سندس ڪم جي

نوعيت جي حساب سان اجورو ملندو آھي.


باب ڏهون ڄاڻ ۽ معلومات جا ذريعا


سوال -: اطالعات جي مختلف ذريعن جا ناال لکو.

جواب -: اطالعات جي مختلف ذريعن جا ناال آھن : اخبارون، اشتهار، ريڊيو،ٽيليويزن، انٽرنيٽ.

سوال -: اطالعات جي ذريعن جي اھميت بيان ڪريو.

جواب -: روزاني زندگي ۾ ماڻهو ڪي خبرون يا اطالع حاصل ڪندا ئي رھندا آھن. اھي خبرون يا اطالع

مختلف ذريعن سان حاصل ٿينديون آھن جهڙوڪ ڳاله ٻول، خط ، اخبار، اشتهار، انٽرنيٽ، ٽيليويزن،

فون وغيره.

اطالعات جا اھي ذريعا ماڻهن کي ڪن مسئلن جي آگاھي ڏين ٿاته ڪي ملڪي توڙي بين

االقوامي خبرن سان به باخبر رکن ٿا. اھي ذريعا ماڻهن ۾ مختلف معاملن ۾ سجاڳي به پيدا ڪن

ٿا.

سوال -: عوامي ميڊيا ۽ غيرعوامي ميڊيا جي فرق کي واضع ڪريو.

جواب -: عوامي ميڊيا اھا ھوندي آھي جيڪا ڪنهن ملڪ جي سرڪاري ميڊيا ھوندي آھي جيڪا

سرڪار جي نظرثاني ۾ ھلندي آھي جڏھن ته غير عوامي ميڊيا ڪو خانگي گروپ پنهنجي

مفادن يا ڪاروبار جي بنياد تي ھالئيندو آھي.

سوال -: اشتهارن جو ڪهڙو مقصد ھوندو آھي؟

جواب -: اشتهار ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ الءِ ڏبا آھن. ڪن شين، م صنوعات،خدمتن, نوڪرين ۽ تعليمي

ادارن ۾ داخال وٺڻ الءِ اشتهار ڏنا وينداآھن.اخبارون، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ اشتهارن ذريعي

نقصانڪار شين کي به فائديمند ڄاڻائي وڏو ناڻو ڪمائين ٿا.

سوال -: سياسي عمل ۾ ميڊيا جي ڪردار بابت ٻُڌايو.

جواب -: سياسي عمل ۾ به ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. ميڊيا سياسي پارٽين ۽ شخصيتن جي

معلومات، نظرين ۽ منشورن کان عوام کي آگاھ ڪري ٿي. چونڊن وارن ڏينهن ۾ ميڊيا عوام کي

سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي اڳين ڪردار ۽ ڪارڪردگي متعلق به ٻڌائيندي آھي ۽ بحث

مباحثن ذريعي صحيح اميدوارن جي سڃاڻ ڪرائڻ ۾ به مدد ڪندي آھي.

سوال -: اڄڪله اطالعات جي ذريعن ۾ گهڻي ۾ گهڻي اھميت ڪهڙي ذريعي کي حاصل آھي ؟ پنهنجي

جواب جي حمايت ۾ ٽي سبب سمجهايو.

جواب -: اڄڪله اطالعات جي ذريعن ۾ گهڻي ۾ گهڻي اھميت موبائيل کي حاصل آھي ان جو ھڪ سبب

اھو آھي ته اڄڪله ماڻهن جي اڪثريت موبائيل جو استعمال ڪندي آھي. ٻيو سبب موبائيل

ھڪ تيز ترين ذريعو آھي. ٽيون سبب ته موبائيل تي اطالعات لکت پيغام ،اي ميل، آڊيو وڊيو ڪال،

وغيره جهڙن مختلف طريقن سان ڏنيون وڃن ٿيون.


باب يارهون اسان جا قدر اسان جي روش )هلت چلت(


سوال -: قدر ڇا کي چئبو آھي؟

جواب -: قدر اھڙا اصول آھن جيڪي زندگي گذارڻ ۾ اسان جي رھنمائي ڪن ٿا. قدرن جا ڪجه مثال،

وقت جي پابندي، ايمانداري، انصاف روءِ ھلڻ،سهڪار ڪرڻ ۽ صحتمند چٽاڀيٽي آھن. اسان جا

پنهنجا خاص قدر به ٿين ٿا. قدرن جو تعلق اسان جي پنهنجي شخصيت سان پڻ آھي.

سوال -: اھي ڪهڙا عوامل آھن جن جو اسان جي قدرن تي اثر پوي ٿو؟

جواب -: جيڪي عوامل اسان جي قدرن تي اثر انداز ٿين ٿا سي ھيٺ ڏجن ٿا. ڪٽنب، اسڪول، دوست،

مذھب، سماج ۽ ميڊيا.

سوال -: خاندان ۽ اسڪول اسان جي قدرن کي ڪيئن متاثر ڪري ٿو؟

جواب -: ڪٽنب -: اسان جي ڪٽنب ۽ خاندان جو اسان جي زندگي تي وڏو اثر آھي. ڪٽنب مان ئي

اسان صحيح غلط جو فرق ۽ ٻين جو احترام ڪرڻ سکون ٿا. جيڪو اسان گهر ۾ طريقو اختيار ڪندا

آھيون اھو ئي ٻاھر به اختيار ڪندا آھيون. جيڪڏھن اسان گهر ۾ ھڪٻئي سان اختالف جي

نبيري الءِ گوڙ شور ڪنداسين ۽ وڙھنداسين ته ٻاھر ٻين سان ٿيندڙ مسئلن ۾ به ائين ئي

ڪنداسين.

اسڪول -: قدرن جي ٺهڻ ۽ ٺاھڻ ۾ اسڪول اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسڪول جا اصول اسان

کي وقت جي پابندي، صفائي سٿرائي،پنهنجي واري جو انتظارڪرڻ، ٻين شاگردن سان سهڪار

ڪرڻ ۽ اسڪول جو ڪم چڱي طرح ڪرڻ سيکاري ٿو. اھي ڳالهيون اسڪول کان ٻاھر به اسان

کي ڪم اچن ٿيون.

سوال -: پنهنجا پنج قدر ٻُڌايو. انهن مان ڪنهن ھڪ قدر جا ٽي مثال ڏيئي ٻڌايو ته اھو قدر ڪيئن ظاھر ۽

نروار ٿئي ٿو؟

جواب -: منهنجا پنج قدر ھيٺ ڏجن ٿا: )1( وقت جي پابندي ) 2( وڏن جو احترم

)3( ٻين سان سهڪار ) 4( پنهنجي واري جو انتظار )5( صفائي سٿرائي.

منهنجي وقت جي پابندي وارو قدر منهنجي ڪجه عملن سان ظاھر ٿيندو آھي. جيئن وقت سان

سمهڻ ۽ اٿڻ، وقت سان نماز/ پوڄا ڪرڻ ۽ وقت تي اسڪول پهچڻ وغيره ُ

باب ٻارهون پاڪستان جو حڪومتي سرشتو

سوال -: آئين ڇا آھي؟ آئين ڪنهن رياست الءِ ڇو ضروري آھي؟

جواب -: آئين ڪنهن به ملڪ جو نهايت اھم ۽ ُمک قانون آھي جيڪو :

☆ حڪومتي ڍانچي جو خاڪو بيان ڪري ٿو.

☆ حڪومت جي ھر شعبي ۽ شاخ جي اختيارن ۽ حقن کي مقرر ڪري ٿو.

☆ صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ الڳاپن جي وضاحت ڪري ٿو.

☆ شهرين جي حقن ۽ فرضن کي بيان ڪري ٿو ۽ شهرين جي حقن جي حفاظت ڪري ٿو.

سوال -: حڪومت جي وفاقي سرشتي جون مکيه خاصيتون ۽ اھڃاڻ بيان ڪريو.

جواب -: ھڪ وفاقي حڪومتي سرشتي ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ قائم حڪومتن وچ ۾ اختيارن جي چڱي

ريت ونڊ ورڇ ٿيل ھوندي آھي.وفاقي حڪومت کي پرڏيهي پاليسي، بچاُء ۽ ناڻي جهڙن مکيه

شعبن ۾ مڪمل اختيار حاصل آھن. اھا سالياني بجيٽ ۽ ترقياتي پروگرام پڻ جوڙيندي آھي.

وفاق جو تعلق تعليم، صحت ۽ امن امان جي معاملي ۾ قومي پاليسين ۽ الڳاپيل, بين االقوامي

خدمتن ۽ رٿائن سان به آھي.

حڪومت جي وفاقي سرشتي ۾ سڄي ملڪ جي اتحاد ۽ ايڪي جي خاطري

ٿيل آھي ڇاڪاڻ ته حڪومت جا مکيه شعبا بچاُء ۽ پرڏيهي پاليسي وفاقي حڪومت جي

اختيار ۾ آھن.اھا ڳاله سڀني وفاقي ايڪاين جي فائدي ۾ آھي.

سوال -: ڪن به ٽن سياسي پارٽين جا ناال انهن جي موجوده اڳواڻن سميت لکو.

جواب -: )1( پاڪستان پيپلز پارٽي = بالول ڀٽو زرداري

)2( مسلم ليگ )ن( = ميان محمّد نواز شريف

)3( پاڪستان تحريڪ انصاف = عمران خان

سوال -: ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ سياسي پارٽي جي ڪردار تي روشني وجهو.

جواب -: ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ سياسي پارٽي ترقي ۽ بهتري الءِ وڏو ڪردار ادا ڪندي آھي. جڏھن

ڪا سياسي پارٽي عوام طرفان حڪومت الءِ چونڊجي ايندي آھي ته اھا پنهنجي چونڊ منشور

تي عمل ڪرائڻ الءِ اھڙيون پاليسيون ۽ قانون جوڙيندي آھي جن سان ملڪ ترقي ڪندو آھي.

۽ عوام به خوشحال ٿيندي آھي. سياسي پارٽي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري ٿي.

سوال -: پاڪستان ۾ قانون سازي جي مرحليوار ترتيب بيان ڪريو.

جواب -: پاڪستان ۾ قانون ٺهڻ جا مرحال ھيٺ ڏجن ٿا.

)1( بل تيار ٿئي ٿو. )2(بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪجي ٿو.

)3( قاعدن قانونن واري ڪاميٽي ان تي نظرثاني ڪندي آھي.

)4( اسٽينڊنگ ڪاميٽي بل جو جائزو وٺندي آھي.

)5( قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ان تي کليل بحث ٿيندو آھي.

)6( بل تي راءِ شماري ڪئي ويندي آھي.

)7( بل منظور ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ ڏانهن موڪلجي ٿو.

)8( سينيٽ ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان جو جائزو وٺندي آھي.

)9( سينيٽ ۾ ان تي بحث مباحثو ڪيو ويندو آھي.

)10( بل تي راءِ شماري ڪئي ويندي آھي، جيڪڏھن بل منظور ٿيندو آھي ته بل کي. . . . .

)11( ملڪ جي صدر ڏانهن اماڻيو ويندو آھي. صدر ان تي صحيح ڪندو آھي ته . . . . . .

)12( بل قانون بڻجي ويندو آھي.

سوال -: پاڪستان ۾ وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ الڳاپن بابت سمجهاڻي ڏيو.

جواب -: پاڪستان ۾ وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ مقرر الڳاپن سان قومي توڙي صوبائي

سطح تي عوام جي ڀالئي جا ڪم ٿيندا پيا اچن. ھر صوبي جي صوبائي حڪومت عوام جي

مسئلن کي حل ڪرڻ جو ھڪ ترت ذريعو آھي جڏھن ته وفآقي حڪوم ت قومي پاليسيون

جوڙي پوري ملڪ جي عوام کي سندس ضرورتن مطابق حق ادا ڪرڻ جي ذميوار ھوندي

آھي.

سوال -: پاڪستان جي ھاءِ ڪورٽن مٿان، سپريم ڪورٽ کي ڪهڙو اختيار آھي؟

ٰي عدالت آھن. جنهن جو صدر دفتر اسالم آباد ۾ قائم

جواب -: سپريم ڪورٽ م لڪ جي سڀ کان اعل

آھي، پر ان جون خصوصي بينچون صوبائي مرڪزن ۾ ڪيس ھالئينديون آھن. سپريم ڪورٽ

ھاءِ ڪورٽن جي فيصلن خالف اپيلون ٻڌي سگهي ٿي ۽ ان جو فيصلو آخري ھوندو آھي.

سوال -: پاڪستان ۾ امن امان جي صورت حال کي کولي سمجهايو. انکي بهتر بنائڻ الءِ اوھان

ڪهڙيون تجويزون ڏيندؤ؟

جواب -: پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال ماضي کان گهڻو بهتر آھي پر ان جي باوجود قانون جي

مڪمل باالدستي نه ھئڻ ۽ سياسي مداخلتن جي ڪري اڃا به دھشتگردي، ڌاڙن ۽ قتلن جا

واقعا ٿيندا رھندا آھن. ملڪ جي امن امان جي صورتحال کي اڃا به بهتر بنائڻ الءِ ضروري آھي

ته قانوني ادارن ۾ موجود انهن ڪارين رڍن ک ي ڪڍيو وڃي جيڪي رشوت، سياسي ۽

فرقيوارانه دٻاُء ۾ اچي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏوھارين ۽ دھشتگردن کي ڇڏي ڏين ٿا.

جيستائين ڏوھارين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي سزايون ڪونه ملنديون تيستائين ملڪ

۾ مڪمل طرح ام ن قائم ٿيڻ مشڪل آھي ان الءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو ملڪ جي قانون

مطابق آزاد ۽ فرض شناس ھئڻ تمام ضروري آھي.

سوال -: وفاقي حڪومت جي ٽن شعبن يا شاخن جا ناال لکو. ھرھڪ شعبي ھي خاص ڪمن بابت

ڄاڻ ڏيو.

جواب -: وفاقي حڪومت جا ٽي شعبا ڪمن سان گڏ ھيٺ ڏجن ٿا.

.1قانونيه -: ھي شعبو ملڪ ھالئڻ قانون جوڙي ٿو.

.2انتظاميه -: جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائي ٿو.

.3عدليه -: ھي شعبو فيصال ڪري ٿو ته ملڪي ڪاروھنوار قانون مطابق ھلي. قانون جي

ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ڏيڻ کان عالوه آئين ۽ قانون جي تشريح پڻ ڪري ٿو.

سوال -: قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي چونڊ ڪيئن ٿئي ٿي؟

جواب -: مختلف چونڊ تڪن ۾ سياسي پارٽيون پنهنجا اميدوار نامزد ڪنديون آھن، جيڪي قومي

اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ الءِ چونڊ وڙھندا آھن. گهڻي ۾ گهڻا ووٽ کڻندڙ اميدوار پنجن سالن الءِ

قوم ي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي وڃي ٿو. جنهن به سياسي پارٽي کي اڪثريت يعني

گهڻي ۾ گهڻا ميمبر ھوندا، اھا پارٽي حڪوم ت ٺاھيندي آھي.

سوال -: جمهوريت ۾ شهرين جي ڪردار بابت سمجهاڻي ڏيو.

جواب -: جمهوريت ۾ شهرين جو ڪردار وڏي اھميت رکي ٿو. شهري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال

ڪري اھڙن اميدوارن کي چونڊي ايوانن تائين پهچائي سگهن ٿا جيڪي شهرين جي مفادن ۽

بهبودي الءِ ڪم ڪندا آھن. ۽ اھي ئي شهري ناڪام ٿيندڙن کي آئنده چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيئي

حڪومت کان ٻاھر به موڪلي سگهن ٿا.

سوال -: انساني حق ڇا ۽ ڪهڙا آھن؟ پاڪستاني شهري ھجڻ جي حيثيت سان اھي توھان جي

قانوني حقن کان ڪيئن مختلف آھن؟

جواب -: جيڪي حق سڄي دنيا جي سڀني انسانن کي، انسان ھئڻ جي ناتي حاصل ھوندا آھن تن

کي انساني حق چئبو آھي. اظهار ۽ راءِ جي آزادي انساني حق آھن.

مختلف ملڪن جي شهرين کي حاصل قانوني حق انساني حقن کان مختلف به

ھوندا آھن. جيئن پاڪستان جو قانون اظهار جي آزادي ته ڏئي ٿو پر ان جي ھڪ حد مقرر

آھي ته جيئن ڪنهن شهري جي مذھب ۽ جذبات کي نقصان نه رسي.

سوال -: موجوده مسئلن جهڙوڪ جهالت ۽ امن امان وغيره جي نشاندھي ڪريو ۽ ٻڌايو ته انهن کي

حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ حڪومت ڇا ڪري رھي آھي؟

جواب -: پاڪستان جي ڪن عالئقن تعليم جو جوڳو انتظام نه ھئڻ ڪري ماڻهن ۾ جهالت تمام گهڻي

آھي جنهن جي ڪري قبائلي ۽ سڱاوتي جهيڙا ٿين ٿا، ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽون درپيش آھن

۽امن امان جي صورتحال به وقت وقت تي خراب ٿيندي رھندي آھي.حڪومت اھڙن مسئلن

کي حل ڪرڻ الءِ تعليم عام ڪرڻ الءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آھن ۽ قبائلي ۽ سڱاوتي

جهيڙن کي منهن ڏيڻ الءِ سخت قانون جوڙيا آھن.


باب تيرهون کنڊ کيڙائو ۽ انهن جون کوجنائون ۽ دريافتون

سوال -: ڪن به ٽن کنڊ کيڙائن جا ناال لکو ۽ ٻڌايو ته انهن اھي مهمون ڇو شروع ڪيون؟

جواب -: ٽن کنڊ کيڙائن جا ناال ھي آھن :

.1مارڪوپولو .2ابن بطوطه .3ڪرسٽوفر ڪولمبس

انهن کنڊ کيڙائن يا سياحن واپار، سياحت ۽ اڻواقف ھنڌن کي ڳول ي لهڻ الءِ پنهنجون مهمون

شروع ڪيون.

سوال -: ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمريڪا ڏانهن سامونڊي سفر جا ڪهڙا اثر پيا ؟

جواب -: ڪرسٽوفر ڪولمبس جي سامونڊي سفر سان ڪئريبين جو ڳچ عالئقو ۽ آمريڪا جي مکيه

سرزمين ڳولجي وئي. ھن پنهنجي سفر دوران باھاما جو ٻيٽ به ڳولي لڌو. اھڙي طرح نوان

عالئقا ڳول ڻ سان واپار ۾ واڌارو آيو ۽ ڪن ملڪن ڏانهن وڃڻ جا مختصر رستا دريافت ٿيڻ سان

ملڪن وچ ۾ واپار پهرين کان آسان ٿي پيو.

سوال -: توھان جي خيال ۾ مستقبل جي کوجنائن ۽ تالش جا عالئقا ڪهڙا ھوندا ۽ انهن جي ڪري

تبديليون ظاھر ٿينديون؟

جواب -: اسان جي خيال ۾ مستقبل جي کوجنائن ۽ تالش جا عالئقا سمنڊن جون گهرايون، ٻيا گره ۽ تارا

ھوندا جنهن سان کوجنا ۽ تحقيق جا نوان انڪشاف ٿيندا. جيئن ته ڪن سائنسدانن جو

انڪشاف آھي ته ڪي گرھ ۽ سياره اھڙا به آھن جتان جي مخلوقات انسانن کان به وڌيڪ

ترقي يافته ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن اھڙا انڪشاف سچ ثابت ٿيا ته انسان اڃا به وڌيڪ

ترقي ڪري سگهندو ۽ سندس ڪائنات متعلق ڄاڻ به وڌندي.

سوال -: ڪنهن به ھڪ کنڊ کيڙائو جو مثال ڏيئي سمجهايو ته ھن ڪهڙيون ڪاميابيون ماڻيون ۽

ڪهڙن چئلينجن کي منهن ڏنو؟

جواب -: سر ايڊمنڊ ھالري شيرپاتينزنگ نارگي سان گڏ دنيا جو پهريون ماڻهو ھو جنهن ايورسٽ جي

چوٽي تي پهتو. 1953ع ۾ نيپال حڪوم ت طرفان منظوري ملڻ کانپوءِ ٽيمن جي صورت 400

ماڻهن چڙھائي شروع ڪئي. اھي ٽيمون آھسته آھسته گهٽجنديون ويون ۽ آخري ڪيمپ

تائين ٻه ٽيمون پهتيون. جن مان ھڪ ٽيم چوٽي کان اٽڪل 100 ميٽر ھيٺ ھئي ته اتان واپس

ٿي. ھالري ۽ تينزنگ کي به ڪجه مشڪالتن کي منهن ڏيڻو پيو خاص ڪري 12 ميٽرن جي

ھڪ ٽڪري ڀت بڻجي سندن رستو روڪي ڇڏيو ان جي باوجود ھنن انکي پار ڪري آخرڪار

ايورسٽ جي چوٽي کي فتح ڪيو.

0 comments:

Post a Comment