twitter
rss

Learn English


 باب پنجون آزادي الِء جدوجهد


سوال -: آزادي جي جنگ جي ناڪامي کان پوءِ مسلمانن کي ڪهڙن ٽن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو؟

جواب -: آزادي جي جنگ جي ناڪامي کان پوءِ مسلمانن کي جن ٽن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. سي ھن

ريت آھن.

مسلمانن کي جنگ جو ذميوار قرار ڏيئي مٿن ھر قسم جا ظلم ڪيا ويا گهڻن ئي بيگناھ مسلمانن

کي ڦاھيون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن ئي مسلمانن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. مسلمانن الءِ

مالزمتن جا دروازا بند ڪيا ويا.

سوال -:آل انڊيا مسلم ليگ ڇو قائم ڪئي وئي؟

جواب -: جڏھن انڊين نيشنل ڪانگريس فقط ھندن جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ لڳي ته مسلمانن جي حقن

۽ مفادن جو بچاُء ڪرڻ الِء 1906ع ۾ نواب سليم هللا ۽ ٻين مسلمان اڳواڻن آل انڊيا مسلم ليگ قائم

ڪئي. 1913ع ۾ ھنن خود – حڪومت جي سرشتي الءِ پڻ ڪم شروع ڪيو.

سوال -: ھندستان جي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وطن جو مطالبو ڇو ڪيو؟

جواب -: 1937ع جي صوبائي قانون ساز ادارن جي چونڊن کانپوءِ ڪانگريس جي حڪمراني وارن صوبن ۾

`` بندي ماترم ́́ کي قومي تراني جي حيثيت ڏني وئي. اردو جي جاءِ تي ھندي ٻولي رائج

ڪئي وئي. ڳئون جي ڪوس تي پابندي مڙھي وئي . صوبائي حڪومتن جي اھڙن فيصلن

مسلمانن الءِ سندن مذھبي تعليمات مطابق زندگي گذارڻ مشڪل ڪري ڇڏيو تنهنڪري

مسلمانن ڌار وطن جو مطالبو ڪيو.

سوال -: آزادي ڇو ضروري آھي؟

جواب -: ڪنهن به مذھب يا قوم جي ماڻهن کي سندن مذھب جي تعليمات ۽ ريتن رسمن مطابق زندگي

گذارڻ الءِ آزادي ضروري آھي. آزادي به انسان جي بنيادي حقن مان ھڪ آھي.

سوال -: 1930ع جي ڏھاڪي ۽ 1940ع جي ڏھاڪي ۾ ٿيندڙ ٻن واقعن کي بيان ڪريو، جن جي ڪري

پاڪستان جو قيام ممڪن ٿي سگهيو.

جواب -: 1930ع وارو ڏھاڪو : - 1937ع وارن صوبائي قانون ساز ادارن جي چونڊن جي نتيجي کانپوءِ

ڪانگريس جي ڪجه پالسين ۽ فيصلن مسلمانن کي ايترو نااميد ڪيو جو انهن ڌار مسلم رياست

جي قيام الءِ جدوجهد شروع ڪئي.

1940ع وارو ڏھاڪو -: 23 مارچ 1940ع تي مسلم ليگ الھور جي شهر ۾ مسلمان اڪثريت وارن

عالئقن تي ٻڌل ھڪ ڌار مسلم رياست جوڙ ڻ جو ھڪ تاريخي ٺهراُء بحال ڪيو، جيڪو ``

پاڪستان جو ٺهراُء ́́جي نالي سان مشهور آھي. ھن ٺهراُء پاڪستان جي قيام کي يقيني

بنائڻ سٺو ڪردار ادا ڪيو.

سوال -: ھندستان ۾ آزادي الءِ ھلچل تي پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ ٻي مهاڀاري

لڙائي جا ڪهڙا اثر پيا ؟

جواب -: جڏھن انگريزن کي پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ھندستانين جي مدد جي گهرج پئي ته انهن کانئن

واعدو ڪيو ته جيڪڏھن ھندستاني سپاھي ن پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ته جنگ

کانپوءِ ھندستانين کي خود حڪومت جو حق ڏنو ويندو. اھڙي طرح جنگ ۾ ڪاميابي کانپوءِ عام

چونڊن وسيلي ھندستانين کي خود حڪومت جو حق مليو.

1939ع ۾ جڏھن ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن کي ٻيهر ھندستاني سپاھين جي مدد جي گهرج

پئي ته ھندستانين مڪمل آزادي جي گ ُهر رکي مدد ڪرڻ الءِ چيو. انگريزن طرفان انڪار ڪرڻ تي

احتجاج طور ڪانگريس جي صوبائي حڪومتن استعفائون ڏنيون ۽ مڪمل آزادي جي جدوجهد شروع

ڪئي وئي.

سوال -: توھان جي خيال ۾ ڇا ٿئي ھا:

)الف( جيڪڏھن انگريز ھندستان ۾ نه اچن ھا !

)ب( جيڪڏھن مسلمان آل انڊيا مسلم ليگ نه ٺاھين ھا !

)ج( جيڪڏھن برطانيه ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ حصو نه وٺي ھا !

)د( جيڪڏھن مسلم ليگ 1940ع وارو پاڪستان جو ٺهراُء منظور نه ڪري ھا!

جواب-: )الف( جيڪڏھن انگريز ھندستان ۾ نه اچن ھا ته ھندستان تي مسلمانن جي حڪومت ھجي ھا

ڇوته ان وقت مسلمانن جي حومت ھئي.

)ب( جيڪڏھن مسلمان آل انڊيا مسلم ليگ نه ٺاھين ھا ته مسلمانن کي ھندو راڄ ھيٺ زندگي

گذارڻي پوي ھا.

)ج( جيڪڏھن برطانيه ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ حصو نه وٺي ھا ته ڪانگريس جون صوبائي

حڪومتون استعفائون ڪونه ڏي ھا ۽ اھي به مڪمل آزادي الِء گ ُهر ڪونه ڪن ھا.

)د( جيڪڏھن مسلم ليگ 1940ع وارو پاڪستان جو ٺهراُء منظور نه ڪري ھا ته مسلمان ڌار

مسلم رياست الءِ گڏيل جدوجهد ڪونه ڪن ھا ۽ پاڪستان جو قيام به نه ٿئي ھا.

0 comments:

Post a Comment