سماجي اڀياس درجو پنجون
1
باب پهريون ڌرتي جو گولو ۽ نقشن جي مهارت
سوال -: خيالي ويڪرائي ۽ خيالي ڊگهائي ڦاڪون ڪيتريون آھن؟
جواب -: خيالي ويڪرائي ڦاڪون 180 ۽ خيالي ڊگهائي ڦاڪون 360 آھن.
سوال -: مکيه ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪن جا ناال لکو.
جواب -: مکيه ويڪرائي ڦاڪن جا ناال آھن :
)1( خط استوا )2( سرطان گهرو ۽ جدي گهيرو
)3( آرڪٽڪ ۽ اينٽارڪٽڪ گول يا دائرا )4( اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب
مکيه ڊگهائي ڦاڪن جا ناال ھي آھن :
)1( پرائيم ميريڊين )2( بين االقوامي تاريخي ليڪ
سوال -: نقشن جي مختلف پئمانن جا ناال ۽ قسم ٻڌايو .
جواب -: نقشن جي پئمانن جا ناال آھن :
)1( بياني پئمانو ) 2( ليڪائون يا خطي پئمانو )3( نسبتي يا ڀڳل پئمانو
نقشن جا ٽي قسم آھن :
)1( طبعي نقشا ) 2( سياسي يا ملڪي نقشو )3( رليف نقشو.
سوال -: پاڪستان جي بيهڪ جي اھميت جا ٽي سبب ڄاڻايو.
جواب -: پاڪستان جي بيهڪ اتر اڌ گول ۾ 23.45 ڊگري اتر ۽ 36.75 ڊگري اتر
وچ ۾ ۽ 61 ڊگري اوڀر ۽ 75.5 ڊگري اوڀر وچ ۾ آھي. جيئن ته ھن عالئقي ۾ چار ئي موسمون ٿين
ٿيون تنهنڪري ھتي مختلف قسم جا فصل پوکيا وڃن ٿا. پاڪستان جي ويجهڙائي ۾ ڪيترائي
اسالمي ملڪ آھن جن سان ڀائپي وارا ناتا قائم آھن. پاڪستان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آھي
جيڪو بين االقوامي واپار الءِ وڏو اھم آھي.
