twitter
rss

Learn English


 باب ٻيون پاڪستان ۽ دنيا جا طبعي ڀاڱا

سوال -: '' ڀاڱي '' لفظ جي اصالح طور وصف بيان ڪريو. پاڪستان جي مکيه ڀاڱن جا ناال ٻڌايو.

جواب -: عالئقو جنهن ۾ ھڪ يا ان کان وڌيڪ قدرتي يا ثقافتي خاصيتون يا اھڃاڻ موجود ھجن تنهن کي

ڀاڱو چئبو آھي.

پاڪستان جا مکيه طبعي ڀاڱا ھيٺ ڏجن ٿا :

)1( جابلو ڀاڱو )2( مٿانهان پٽ )3( سنڌو جو ميداني ڀاڱو

)4( سامونڊي ڪناري وارو ڀاڱو )5( ريگستاني ڀاڱو

سوال -: ھڪ ٻئي تي ڀاڙڻ جي اصالحي وصف لکو . مناسب م ثالن سان سمجهايو ته پاڪستان جا ماڻهو

ڪهڙي ريت ھڪٻئي تي مدار رک ن ٿا ؟

جواب -: ضرورتن جهڙوڪ کاڌي خوراڪ ، مال سامان ، ذريعن ، ٽيڪناالجي ۽ علم ۽ ھنر الءِ ماڻهو ھڪٻئي

تي دارومدار رکن ٿا اھڙي عمل کي ھڪ ٻئي تي ڀاڙڻ چئبو آھي.

پاڪستان جي مختلف عالئقن جا ذريعا ۽ وسيال به مختلف ھجڻ جي ڪري اتان جا ماڻهو

ھڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا. م ثالطور پنجاب ۽ سنڌ زرعي صوبا آھن ته خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان

م عدني طور ماالمال آھن . گلگت بلتستان ۾ گهاٽا ٻيال آھن. اھي سڀئي عالئقا پنهنجو اپتون

ھڪٻئي سان مٽاسٽا ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا آھن.

سوال -: مثال ڏيئي سمجهايو ته ڪهڙن مختلف طريقن سان دنيا جا ملڪ ھڪٻئي تي ڀاڙين ٿا.

جواب -: دنيا جي ھر ملڪ کي قدرت مختلف ذريعن ۽ وسيلن سان نوازيو آھي ڪوبه ملڪ خود ڪفيل يا

پاڻ ڀرو ڪونهي. ڪن ضرورتن جي پورائي الءِ ٻين ملڪن جي مدد جي گهرج پوندي ئي آھي.

جيئن اسان جو ملڪ پاڪستان چانور، ڪپه ، سوٽي ڪپڙو، چمڙو، چمڙي مان ٺهيل شيون ۽

راندين جو سامان ضرورتمند ملڪن کي وڪڻي ڪمايل ناڻي مان ڳريون مشينون، اوزار ، ٽرڪون ۽

پيداواري سازوسامان ترقي يافته ملڪن مان خريد ڪري ٿو.

سوال -: روانگي مال ۽ آم دني مال مان ڇا مراد آھي؟

جواب -: جڏھن ڪي شيون يا خدمتون ٻئي ملڪ کي وڪرو ڪري ڏجن ٿيون ته ان کي روانگي مال يا

ايڪسپورٽ چئبو آھي. جڏھن ٻين ملڪن کان سامان خريد ڪري وٺبو ته ان کي آمدني مال يا

امپورٽ سڏبو آھي.

0 comments:

Post a Comment