باب ٽيون آبهوا
سوال -: موسم ۽ آبهوا جي وصف ٻڌايو .
جواب -: موسم -: ماحولياتي حالتن جي تبديلي جهڙوڪ گرمي پد ، گهم ، ماحولياتي دٻاء ، ھوائون ، مينهن
۽ برفباري پوڻ کي موسم چئجي ٿو.
آبهوا -: ڪنهن ھنڌ جي سراسري موسمي حالتن کي آبهوا سڏجي ٿو. ڪنهن عالئ قي جي آبهوا
گرم ته ڪنهن جي سرد ھوندي آھي.
سوال -: موسم ۽ آبهوا جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آھي؟
جواب -: ماحولياتي حالتن جي تبديلي کي موسم چئجي ٿو جڏھن ته ڪنهن عالئقي جي سراسري
موسمي حالتن کي آبهوا چئجي ٿو.
سوال -: انساني سرگرميون آبهوا تي ڪيئن اثر انداز ٿينديون آھن؟
جواب -: انساني تهذيب جي ترقي ۽ واڌاري سان ، ماڻهن جي سرگرمين جو آبهوا تي ڏاڍو گهرو اثر پيو
آھي. مثالطور دنيا جو سراسري گرمي پد وڌي ويو آھي. ان جو سبب ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ گئس جو واڌارو آھي. جيڪا لڳاتار ٻيلن جي گهٽڻ ۽ گهرن ، فيڪٽرين، گاڏين ۾
ٻارڻ ) ڪوئلو ، گئس ۽ قدرتي گئس( جي استعمال سان وڌي رھيو آھي.
سوال -: گرين ھائوس اثر ڇا کي ٿو چئجي؟
جواب -: ڌرتي جي چوڌاري ماحول، سج جي گرمي پڪڙي ان کي ڌرتي جي مٿاڇري ويجهو آڻي ٿو. جتي
وڏي مقدار ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس واڌو گرمي کي وڃڻ نٿي ڏئي ان کي گرين
ھائوس اثر چوندا آھن.
سوال -: آبهوا جا سٺا ۽ خراب اثر ڪهڙا آھن؟
جواب -: )1( سٺا اثر: مندائتو مينهن پوڻ جي ڪري فصل سٺا ٿين ٿا ۽ گاه به جام ٿئي ٿو. جيڪو چوپايو مال
چري ٿو ۽ ٿلهو متارو ٿئي ٿو. اناج جي گهڻائي ڪري مال سستو ٿئي ٿو.
)2( خراب اثر: ڪنهن عالئقي ۾ سالن تائين مينهن نه پوڻ ڪري فصل نٿا ٿين ۽ خشڪ ساليء
جي ڪري ھزارين جانور مري وڃن ۽ ماڻهو لڏ پالڻ ڪرڻ تي مجبورٿين ٿا. اناج جي اڻاٺ ۽
ڏڪار وڌي ٿ و.
سوال -: اھي ڪهڙا ٽي انفرادي ۽ اجتماعي قدم آھن ، جيڪي کڻڻ سان آبهوا تي سٺو اثر پوندو؟
جواب -: انفرادي عمل -:
)1( اسان کي ٽن آر تي عمل ڪرڻ گهرجي. گهٽايو )ريڊيوس (،وري استعمال )ري يُوز( ڪيو ۽
ريسائيڪل ڪيو.
)2( اسان کي ڪاٺ جو استعمال گهٽائڻ گهرجي ته جيئن ٻيلن جي واڍي ختم ٿي وڃي . اسان
کي گهڻي ۾ گهڻا وڻ پوکڻ گهرجن .
)3( اسان کي بوتلون ۽ باڪس وري استعمال ڪرڻ گهرجن ۽ ڪاغذ،گالس ۽ پالسٽڪ کي ري
سائيڪل ڪرڻ کپي.
اجتماعي قدم -:
)1(اسان کي ماحول کي بچائڻ وارين تنظيمن يا گروھن جو ميمبر بڻجڻ گهرجي.
)2( اسان کي حڪومت تي زور وجهڻ گهرجي ته اھا ماحول دوست توانائي جي ذريعن کي
استعمال ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ضرور قدم کڻڻ گهرجي.
)3( گهريلو گند ڪچرو چڱي طرح نيڪال ڪجي ته جيئن ميٿين گئس جي پيدا ٿيڻ کي ضابطي
ھيٺ رکي سگهجي.
سوال -: آبهوا تي اثر وجهندڙ مکيه ڳالهيون سمجهايو.
جواب -: انسان جي تهذيب ۾ ترقي جيترو انسان جي زندگي کي آسائشن سان ڀري ڇڏيو آھي اوترو آبهوا
تي به گهرو اثر ٿيو. انساني سرگرمين جي ڪري دنيا جو گرمي پد وڌي رھيو آھي جنهن جا
ڪارڻ ھيٺ ڏجن ٿا.
☆ ماڻهو پنهنجي ضرورتن الءِ ٻيلن کي لڳاتار وڍندا ره ٿا جنهن
ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌندو وڃي ٿو ڇاڪاڻ
ان کي جڊب ڪرڻ الءِ وڻ ٻوٽا گهٽجي ويا آھن.
☆ ٻارڻ جهڙوڪ ڪوئلو، گئس ۽ پيٽرول جو گهرن، ڪارخانن ۽ گاڏين ۾
استعمال سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول ۾ خارج ٿئي ٿي.
☆ ماڻهو گوشت کائڻ پسند ڪن ٿا. ڳئون اوڳرائي ۽ ريح واُء جي
ڪري ماحول ۾ ميٿين گئس خارج ٿيندي آھي
سوال -: آبهوا جي عام قسمن کي بيان ڪريو.
جواب -: دنيا ۾ آبهوا جا عام قسم
دنيا ۾ ڪي ٻه ھنڌ اھڙا آھن ئي ڪونه جن جي آبهوا بلڪل ھڪجهڙي ھجي .تنهن ھوندي به
ويڪرائي ڦاڪن ۾ ڪي اھڙا ڀاڱا آھن. جن جو سراسري گرمي پد ۽ سراسري مينهن ساڳئي
درجي وارو آھي. ان لحاظ سان آبهوا جا چار عام ڀ اڱا سمجهيا وڃن ٿ ا
)1( خط استوائي آبهوا وارو ڀاڱو:
خط استوا کان 5 ڊگريون
اتر ۽ 5 ڊگريون ڏکڻ وارو عالئقو آبهوا جي لحاظ کان گرم ترين آھي. اتي ُ
فقط گرميء جي موسم ٿئي ٿي.
)2( ٽراپيڪل يا ڪوسي ڪمربند جي آبهوا وارو ڀاڱو:ھي خط استوا جي 5 ڊگريون اتر کان 23.5
ڊگريون اتر يعني )سرطان گهيري( ۽ 5 ڊگريون ڏکڻ ۽ 23.5 ڊگريون ڏک ڻ )جدي گهيري( جي وچ
وارو عالئقو آھي. جتان جي آبهوا عام طرح گرم آھي. اونهاري جي مند گرم ۽ ڊگهو عرصو ھلي ٿ ي.
سيارو ننڍو ۽ ٿڌو ٿئي ٿو.
)3( معتدل يا پوري پُني آبهوا وارو ڀاڱ و:
ھيُء خط استوا جي 23.5 ڊگريون اتر )سرطان گهيرو( ۽ 66.5 ڊگريون اتر يعني آرڪٽڪ سرڪل ۽
23.5 ڊگريون ڏکڻ )جدي گهيرو ( 66.5 ڊگريون ڏکڻ يعني انٽارڪٽڪ سرڪل جي وچ وارو ڀاڱو
آھي. ھتان جي آبهوا معتدل آھي يعني نه گهڻي گرم نه گهڻي سرد. ھتي سال جون چارئي
ُمندون اونهارو، سر ُء سيارو ۽ بهار ٿين ٿيون.
)4( قطبي آبهوا وارو ڀاڱو:
ھيُء 5 ڊگريون اتر )آرڪٽڪ سرڪل( ۽ 90 ڊگريون اتر )اتر قطب( ۽ 66.5 ڊگريون ڏکڻ )انٽارڪٽڪ
سرڪل( ۽ 90 ڊگريون ڏکڻ )ڏکڻ قطب(جي وڃ وارو ڀاڱو آھي. ھتان جي آبهوا انتهائي سرد آھي.
گرمي پد سڄو سال ھميشہ ڄمڻ جي نقطي کان به ھيٺ ھوندو آھي. يعني ھتي فقط ھڪ
موسم سرديء واري ٿئي ٿي.
